اسان مان هر هڪ
کي اها ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکڻ جو سافٽ ويئر عام ٿئي، پنهنجن
دوستن، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ان حوالي سان ٽريننگ ڏيئي تيار ڪري سگھجي
ٿو. هوئن ته سرڪاري طرح ڪافي ادارا ٻوليءَ جي ترقيءَ جي هام هڻڻ ۾ پورا آهن
پر اڄ ڏينهن تائين به سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪنهن سرڪاري اداري اها ڪوشش نه ڪئي
آهي ته ڪمپيوٽر ٽريننگ جي سينٽرن تي سنڌيءَ ٻوليءَ جي سکيا به ممڪن بڻائي
وڃي. وڌيڪ پڙهو
سنڌ جي سياست ۾ آيل نئون ڇال ۽ سنڌ دوستن جون
ذميواريون ـــــــــ
رڪ سنڌي ماضي جي ڀيٽ ۾ پ پ جو
هن ڀيري جيڪو ڀيانڪ سنڌ دشمن چهرو سامهون آيو آهي ان هتان جي عوام کي اهو سوچڻ
تي ضرور مجبور ڪيو آهي ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پ پ مان سنڌ جي ڀلائي جي اميد ڪرڻ
ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مترادف ٿيندو. پ پ حڪومت جي سنڌ واري وڏيرڪي قيادت کي سنڌ ۾
قومي سياست جي وڌندڙ اثر رسوخ خاصو پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هنن کي هاڻي اها پڪ
ٿيڻ شروع ٿي آهي ته مستقبل ۾ سنڌ جي سياست جي حوالي سان سندن ڪو ڪردار نه
جڙندو. ان ئي بوکلاهٽ جو نتيجو آهي جو پ پ سنڌ جي گهرو وزير سنڌ ۾ ڌاري
آبادڪاري خلاف احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ سرڪاري فورسز کي نه صرف ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي پر
ذوالفقار مرزا ميڊيا جي سامهون اچي اهو اعلان ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي ته
احتجاج لاءِ جيڪو گهران نڪتو ان جو لاش
سندس گهر واپس ويندو.
وڌيڪ پڙهو
ايوان
صدر ۾ هڪ سنڌي جي پهچڻ تي سنڌ کي ڪهرو رليف مليو آهي؟ 18 فيبروري تي جيڪو ووٽ
انهن کان ”جمهوريت هڪ بهترين انتقام آهي“ جي تحت ورتو ويو ان ووٽ جي پلئه ۾ سنڌ
جي ماڻهن کي ڇا نصيب ۾ آيو آهي؟ اڄ جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سال ڏيڍ اچي
ٿيو آهي تڏهن سنڌ جي ماڻهن وٽ حساب ڪتاب ۽ ليکي چوڪي مهل پنهنجي پاڻ کان پُڇيل
ان سوال جي جواب ۾ صرف ٻيڻا ٿي ويل سور ئي بچن ٿا. سنڌ جي ماڻهن يقينن وڏيون
اميديون رکيون هيون، نظام جي تبديلي جي نعرن سان کائن ووٽ ورتا ويا هئا ۽ اڄ
صرف چهرن ۽ نالي جي تبديليءَ سان سنڌ جي عوام سان دوکو ٿي رهيو آهي. سال ڏيڍ جي
ان ڪارگذاري کي ڏسندي باقي حڪمراني جي عرصي لاءِ به ڪا اميد جي ڪرن نظر نٿي
اچي، هوئن به ته سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ”جنهن اُڀرندي سوجهرو نه ڪيو سو لهندي ڇا
ڪندو“وڌيڪ پڙهو
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real
Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free
Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA
Lottery, Immigration, Google